ديوان جعفري

ديوان جعفري

ديوان جعفري قلمي

ديوان جعفري (قلمي): فارسي ٻوليءَ ۾ هي قلمي ديوان قاضي غلام علي جعفري ٺٽوي جي غزلن جو مجموعو آهي 173 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو مصنف جي هٿ اکرن ۾ لکيل آهي. ديوان جي شروعات هينئن ٿئي ٿي:
’مبارک ست دراول مقال نام خدا
تبارک الله چه جاه و جلال نام خدا
خوشادلي که شود محوقال نام خدا
دلا خيال مکن چوخيال نام خدا...‘
اختتام هيئن ٿئي ٿو:
’يا الهيٰ آرزوکن مستجا بم اين دعا
جعفري هست اين چنين هر دم مرا ورد زبان
يا الهيٰ حرمت دين رسول انس و جان
کن مظفر روم رابر روس منحوس زمان.‘
هي قلمي ديوان خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي ۽ هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو